سنڌ حڪومت ڏوڪري اسسٽنٽ ڪمشنر کي ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو

0
170

ڏوڪري: قاضي فريد

سنڌ حڪومت طرفان ڏوڪري اسسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي کي ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي جارچ وٺيندي ٽائون آفيسر سڪندر علي ڀٽي سان گڏجي ٽائون ملازمن جي ڪاغذن جي جاچ ڪندي ملازمن سان ڊيوٽي بابت معلومات ورتي۔

ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي، ٽائون آفيسر سڪندر علي ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملازم جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته ڪير ملازم موجود آهي ۽ ڪهڙو ملازم ٻاهر ويل آهي۔ هنن چيو ته شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ ملازمن جون ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪندا ان موقعي تي هيڊڪلارڪ فياض ڀان، نظير ڀان ۽ ٻيا موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here