ڏوڪري: قاضي فريد
ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جو نئون ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر، زراعت جي صوبائي وزير جي ھدایت تي اسٽيٽيشن لائين جو ڊائريڪٽر مقرر، جڏهن ته ڊائريڪٽر جنرل کي ڪا ڪاپي نه ڏني وئي آهي۔ شهرين ۾ پڻ تاء پکڙيل۔
ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر تي زراعت جي صوبائي وزير پاران رائيس ريسرچ جي عملدار کي مقرر ڪرڻ بدران اسٽيٽيشن لائين جو عملدار کي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ولي محمد بلوچ سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي هئي جيڪا ڊگري ريسرچ لائين جي ناهي، ذريعن کان وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ ريسرچ لائين جو نه هجڻ تي اڳوڻي ڊائريڪٽر سڪندر علي ٻگهيو پاران ڪيس به داخل ڪيو ويو۔
اسٽيٽيشن لائين جي عملدار کي زراعت جي صوبائي وزير پاران رائيس ريسرچ سينٽر ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻ تي شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي ان موقعي تي هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رڪ سنڌي، ريحان احمد، عابد علي ۽ ٻين وی این ایس سان ڳالهائيندي چيو ته ولي محمد بلوچ ڳري رشوت عيوض رائيس ريسرچ سينٽر تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پوسٽنگ ڪرائي آيو آهي۔
هنن چيو ته ولي محمد بلوچ کي ريسرچ جي خبر به ناهي اهو رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري تي ڪم ڪئين ڪري سگهندو. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير اسٽيٽيشن لائين جي عملدار ولي محمد بلوچ کي هٽائي ريسرچ لائين جي عملدار کي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔