ميونسپل ڪميٽي مٺي ۾ ڪائونسلر نوازي
ٿرپارڪر: رپورٽ جنيد آزاد
ميونسپل ڪميٽي مٺي جو ٻٽو نظام ڪائونسلر ھڪ ئي جڳھ تي پنج دفعو روڊ ٺاھي عوامي ناڻو لٽيو پيو وڃي۔ ڪائونسلرن جي گھرن جي اڳيان پنج پنج دفعو روڊ ٺاھيو پيو وڃي ۽ مٺي شھر جي اصلي رھواسين کي نظر انداز ڪري لکين روپيا ڪائونسلرن ۽ ٺيڪيدار جي ملي ڀڳت سان ھڙپ ڪيا پيا وڃن۔ ميونسپل ڪميٽي مٺي ٻٽو نظام ھلائين پنھنجن منپسند ماڻھن کي ٺيڪا ڏيئي عوام سان ويسا گھاتي ڪري رھي آھي چونڊيل نمائندن طرفان ماڻھن ني شڪايتن باوجود ڪو جوڳو قدم ناھي کنيو ويو۔
عوامي ناڻو روڊن جي اسڪيمن ۾ واري ملائي ۽ ھڪ ئي جڳھ تي پنج پنج دفعو روڊ ٺاھي سري عام ڏينھن ڏٺي جو لٽڻ لڳا آھن۔ ميونسپل ڪميٽي مٺي جي چئرمين کي شڪايتون ملڻ باوجود اڃان تائين ڪو ايڪشن ناھي کنيو ويو۔ پراڻي ميگھواڙ پاڙي جي رھواسين جو چوڻ آھي ته اسان کي شھر اندر داخل ٿيڻ جو واحد ئي ويجھو ھڪ رستو آھي جيڪو گذريل پنج سالن کان ناھي ٺاھيو ويو ۽ ڪائونسلر مدن جي چوڻ تي ان جي گھر جي اڳيان پنج پنج دفعو روڊ ٺاھيو ويو آھي انھن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته اڳوڻو ڪائونسلر ڪنور امر جي گھر جي اڳيان پنجون دفعو ھڪ ٻئي مٿان روڊ ٺاھي اسان جي ٽئڪس جي پئسي جو غلط استعمل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشور عرف ڪسوڪائونسلر جنھن جي گھر جي اڳيان مھنگي ۾ مھنجگو بلاڪن وارو روڊ ٺاھي ڪائونسلرن سان ملي ڀڳت ڪري عوامي ناڻو لٽي رھيا آھن۔
مٺي شھر جي آس پاس ڪالونين ۾ پنھنجا نوازي جي ڪري ھڪ گھر جي اڳيان سفارش تي 800 سو فٽ روڊ يعني 10 لک روپين جو روڊ ٺاھي ڏنو پيو وڃي جڏھن ته وڏي آبادي کي مڪمل طور نظر انداز پيو ڪيو وڃي۔