وارھ (مظفر قاضي)
وارھ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي سڏ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي جسقم اي ،عوامي تحريڪ، ايس يو پي جسقم ،جسم سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسقم ب ،عوامي ورڪ پارٽي جا اڳواڻ ڪري رھيا ھئا،ان موقعي تي ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، ڪامريڊ منان، وقار رضا، احمد خان ڇٽو، منصور ٿيٻو، سيد جلال شاھ، محسن رضا، احمد ڦلپوٽو، عرفان منان، ڊاڪٽر دريا خان، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳھلائيندي چيو ت سنڌ جي قومي قيادت مٿان داخل ڪيل سمورا ڪوڙا ڪيا ختم ڪيا وڃن،۽ جسقم چيرمين صنعان خان قريشي کي آزاد ڪيو وڃي،اڳواڻن جو وڌيڪ چيو ت ھڪ سازش تحت سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش سالن کان جاري آھي سنڌ جي وسيلن۽ سنڌ جي زمين پي پي سرڪار ڀڳڻن جي مٺ تي ڌارين کي ڏئي سنڌين کي پنھنجي ڌرتي تان ڌڪارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي،جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي۔