ڏوڪري: ڏوڪري چانور جي تحقيقاتي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 6 مهينن جي اندار چانور جي تحقيقاتي اداري کي منزل طرف پهچائيندس۔ هن چيو ته اداري ۾ ملازمن جي حاضري کي يقين بڻايو ويندو، غير حاضر رهندڙ ملازم خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔
هن چيو ته ڪالوني گيس جي مسئلي کي حل ڪرڻ اسان جي ذميوار آهي پنهنجي ذميواري بهتر نموني نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ هن چيو ته چانور جي تحقيقاتي اداري بهترين جنسون متعارف ڪرايو آهن جلد نئين جي جنس به متعارف ڪرائي ويندي۔
هن چيو ته اداري مان موٽر چوري ٿيڻ جي جاچ ڪئي ويندي ۽ اداري جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا۔ هن چيو ته ڪالوني جي چوديواري ٺهرائي ويندي. هن چيو ته 6 مهينن جي اندار ڏوڪري چانورن جي تحقيقاتي اداري کي بهتر ڪيو ويندو۔ ان موقعي تي گلشن لعل اوڏ، سونو خان گوپانگ ۽ ٻيا موجود هئا۔