رپورٽر امداد علي پنهور
گاجي کهاوڙ ۾ برسات کان پوء گندگي وڌي وئي، هرطرف گندگي ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيٺل آهي. صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي شهرين مصور ڀٽو جاويد چنو پرويز کوسو ۽ عرفان چنو ڳالهائيندي چيو ته گاجي کهاوڙ ۾ برسات پوڻ کانپوء ٽائون ڪميٽي جي پت وائکي ٿي وئي آھي شهر جي ڪيترن ئي محلن ڀٽا، چنا، شابراڻي، کهاوڙ، سيد، منگي ۽ ٻين محلن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گهٽين ۾ پاڻي بيٺل آهي پر ٽائون ڪميٽي وارا صفائي نٿا ڪرائن ۽ گهٽين جا ڪراس نٿا ٺهرايا وڃن۔