قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين
قمبر ضلعي جي تعلقي سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد انڙ پل وٽ پوليس ۽ سنگين ڪيسن ۾ گهربل روپوش ڏوهاري وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 10 لک روپيا انعام افتاح ڏوهاري ديدار حسين سومرو مارجي ويو ۽ 2 ڏوهاري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب، قمبر ضلعي جي پوليس جو انعام افتاح ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري ڇڏيو۔
سجاول جوڻيجو جي حد انڙ پل وٽ بدنام ڏوهاري 10 لک روپيا انعام افتاح ديدار حسين سومرو ۽ پوليس وچ م مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي م ڏوهاري ديدار سومرو مارجي ويو ڏوهاري مٿان سجاول جوڻيجو تعلقي جي ٿاڻي سميت ٻئن ٿاڻي تہ ٽوٽل 30 ڪيس داخل ٿيل هئا مارجي ويل ڏوهاري جو لاش تعلقي اسپتال ميروخان منتقل ڪيو ويو آھي لاش هن وقت تائين لاوارث حالت ۾ اسپتال م پيل آھي ۽ مارجي ويل ڏوهاري جو تعلق رتوديرو جي ڳوٺ وسايو ڀٽي سان ٻڌايو پيو وڃي۔