لاڙڪاڻو جنرل اسپتال ۾ لڄالٽ واري عمل  خلاف پکو ۾ احتجاجي ريلي

0
146

پکو رپورٽر محمد نواز مغيري

ڪجه ڏينھن اڳ لاڙڪاڻو جنرل اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ان جي عملي پاران نياڻي غلام فاطما تي لڄالٽ واري عمل  خلاف پکو ۾ مختلف برادرين ۽ سوشل ورڪرن پاران هزارين ماڻھن جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر شھيب کي گرفتار نه ڪرڻ توڙي سندس جي جنرل اسپتال سيل نه ڪرڻ خلاف مين انڊس هاء وي تي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي مير همايون خان مغيري مير امير جان مغيري رئيس طاهر خان مغيري ۽ مير فھد خان مغيري جي اڳواڻي ۾ پکي کان لاڙڪاڻي طرف روانگي ريلي ۾ هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ ڊاڪٽر شھيب چانڊيو خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ريلي ۾ شهر جي مختلف سياسي توڙي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي۔

ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آھي ته لاڙڪاڻو اسپتال ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آھي اهو هڪ ڇرڪائيندڙ واقعو آھي انسان ذات لاء هڪ ڪنڌ جھڪائيندڙ واقعو پيشو آيو آھي شھيب چانڊيو ۽ ان جي عملي ڪڌو عمل ڪري جهڙوڪ ڊاڪٽر پيشي کي لڄائي ڇڏيو آهي ڊاڪٽر هڪ ماءۡ پيءۡ جئين هوندا آھن ريلي جي اڳواڻن جو وڌيڪ اهو به چوڻ ھيو ته جيستائين ڊاڪٽر شھيب گرفتار نه ٿيندو ۽ سندس جو جنرل اسپتال سيل نه ٿيندو تيستائين اسان پنھنجو پرامن احتجاج جاري رکنداسين ۽ هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڏوهاري شھيب چانڊيو کي گرفتار ڪري ۽ ان کي جلد کان جلد عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن آئندا مستقبل ۾ ڪنهن معصوم جي زندگي برباد نه ٿي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here