ڳوٺ ڪنب ليمان تي 100 کان وڌيڪ موبائيلن سان پوليس جي چڙھائي

0
299
kunb jamali

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

جمالي برادريءَ جي معزز شخصيت ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ فقير محب خان جماليءَ جي ڳوٺ ڪنب ليمان تي 100 کان وڌيڪ موبائيلن سان پوليس چڙھائي ۽ فقير محب خان جماليءَ جي گرفتاريءَ خلاف ايس يو پي جي ورڪر ڪامريڊ شهمير خان جمالي ، سنڌ سجاڳ فورم جي چيئرمين مجيد عباسي ، حاجي الھ جڙيو جمالي ، گل بيگ جمالي ، عبدالحفيظ جمالي ، فقير نواب رند ، تاسين جمالي جي اڳواڻيءَ ۾ صحافي چوڪ سڪرنڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو۔

مظاهري ۾ شريڪ ماڻھو پوليس جي ناجائزين ، ڳوٺ ڪنب تي بلاجواز ريڊ خلاف ۽ فقير محب خان جماليءَ جي آزاديءَ جا زوردار نعره هڻي رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته فقير محب خان جمالي علائقي جي معتبر شخصيت آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جو اڳواڻ آھي . سندس ڳوٺ تي سوين موبائيلن ۽ پوليس اهلڪارن جي ريڊ کي سياسي سازش سمجهون ٿا۔

هنن چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ فقير محب خان جي زمين تي هڪ سياسي پارٽيءَ جو سائن بورڊ لڳايو پئي ويو ، جيڪو فقير محب خان لڳائڻ نه ڏنو جنهن کانپوءِ ھي انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون ويو آهن، هنن وڌيڪ چيو ته فقير محب خان جماليءَ جا ارادا اٽل آهن کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي هيسائي نٿو سگهجي۔

هن سان جمالي برادريءَ کان سواءِ ٻيون برادريون پڻ گڏ آھن ، هنن مطالبو ڪندي چيو ته فقير محب خان جماليءَ جي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس باعزت طريقي سان آزاد ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو مظاهري ۾ مختلف برادرين جا سوين ماڻھو شريڪ هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here