ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي ڪوٽ لکهپت جيل مان آزاد

0
573
saad rizvi

پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان(ٽي ايل پي) جي سربراهه سعد حسين رضوي کي لاهور جي ڪوٽ لکهپت جيل مان ازاد ڪيو ويو۔ 

پنجاب جي جيل کاتي جي آفيسر عتيق احمد  هن اهم اڳڀرائي جي تصديق ڪئي آهي.  آزادي ماڻڻ کان پوءِ سعد رضوي يتيم خانه چوڪ پهچندو جتي ان  جو ڪارڪنن کي خطاب جو امڪان آهي۔

سعد رضوي جي آزادي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فرانسيسي سفير کي واپس موڪلڻ جي قرارداد پيش ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سامهون آئي آهي۔ فرانسيسي سفير کي ملڪ مان واپس موڪلڻ ٽي ايل پي جو بنيادي مطالبو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here