ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ پيرسن بيوه ناريءَ پاران مبينا طور مٿس تشدد ڪندڙ ڏير خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڳوٺ ڪاراڻيءَ جي رهواسڻ پيرسن عورت راڻي ٻگهيو ڏوڪري پريس ڪلب پهچي صحافين کي تشدد جا نشان ڏيکاريندي الزام مڙهيو ته مٿس ڏير محمد عالم ٻگهيو تشدد ڪيو آهي. عورت صحافين کي ٻڌايو ته سندس مڙس پوليس اهلڪار هيو جيڪو ڏهه سال شهيد ٿي ويو آهي، جنهن بعد سندس ڏير سرپرستي ڪرڻ بجاءِ ڏاڍ ڪندو رهيو آهي۔
هن ٻڌايو ته کيس 2 ڌيئر ۽ 3 پٽ آهن، جڏهن ته خانداني حصي جي ملڪيت ڏير جي ئي هٿ هيٺ آهي. ناري جو چوڻ هو ته سندس ڏير پنهنجي ٻارن کي ته وڏن وڏن تعليمي ادارن ۾ پڙهائي رهيو آهي پر سندس ٻارن کان ٻڪريون چارائيندو آهي، جڏهن ته اهڙي رويي خلاف آواز اٿارڻ تي ڌڪ هڻي ٻانهن ڀڃي وڌي آهي. پيرسن ناري راڻي ٻگهيو مطالبو ڪيو ته سندس هن شڪايت جو اعلي اختيار رکندڙ نوٽيس وٺن ۽ مٿس تشدد ڪري زخمي ڪندڙ ڏير محمد عالم ٻگهيو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔