ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جو ساريالو ٻج خانگي ڪارخانن تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

0
255
rice research dokri

ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جو ساريالو ٻج خانگي ڪارخانن تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ رائيس ريسرچ سينٽر جي آفيسر سوني خان گوپانگ ميڊيا جي نمائندن اڳيان رائيس ريسرچ سينٽر ۾ ڪيل ڪرپشن جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ ساريون جو ٻج سرڪاري کاتي ۾ جمع ڪرائڻ بدران وڪرو ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته رائيس ريسرچ سينٽر جي 300 ايڪڙ ايراضي مان 180 ايڪڙ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ وٽ آهي ۽ 180 ايڪڙ ايراضي مان ولي محمد بلوچ سرڪاري کاتي 2 لک روپيا جمع ڪرايا آهن باقي ٻيا پيسا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته مون وٽ 120 ايڪڙن جي ايراضي آهي جنهن جي پيداوار 27 سو مڻ ٿي آهي، هن وڌيڪ چيو ته 27 سو مڻ مان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر 1500 مڻ ساريون خانگي ڪارخانن تي وڪرو ڪري ڇڏيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته 1200 مڻ سارين جو ٻج وڪرو ڪرڻ لاءِ مون کي حراسان ڪري رهيو آهي ۽ ڪوڙي ڪاميٽي ٺاهي منهنجي خلاف ليٽر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هن چيو ته مان بيماري جي بستري تي پيل آهيان ۽ منهنجو علاج هلي رهيو آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته بيماري هجڻ باوجود به مون کي موڪل ناهي ڏئي رهيو. هن وڌيڪ چيو ته 40 سال سروس دوران پهريون ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ آهي جنهن اداري کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي ۽ رهيل 1200 مڻ سارين جو ٻج خانگي ڪارخانن تي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن زراعت جي صوبائي وزير، زراعت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل کي اپيل ڪندي چيو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انڪوائري ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here