غلام مهدي لنڊ لاڙڪاڻو
پيپلزپارٽي جو سياسي ڳڙه لاڙڪاڻو هن وقت ڪنهن جي حوالي هجڻ گهرجي…؟ مٿي لکيل عنوان سان اوهان اهو ئي محسوس ڪندا هوندا ته آهيون ته سڀ سنڌي پر لاڙڪاڻو پٺاڻن حوالي ڪيئن آهي. سڀ ڳالھ جي هڪ ڳالھ ته پٺاڻ قوم محنت ۾ سڀ کان اڳتي آهي جنهن جو مثال اهو ئي ڏئي سگهجي ٿو ڪافي وقت اڳ جڏهن خاص ٽيڪنالاجي نه هئي ۽ اسين ننڍا هوندا هئاسين ته ڳوٺ ۾ پٺاڻ بحيثيت هڪ مهمان طور مزدوري ڪرڻ ايندا هئا، مونکي ياد آهي جڏهن واهن جي کوٽائي ٿيندي هئي ته پٺاڻ بيلچا ۽ ڪوڏرون کڻي بيٺا هوندا هئا، ان کان علاوه پٺاڻ سائيڪل تي ڪپڙا، گهر جو سامان ۽ ٻيون شيون اچي وڪڻندا هئا ۽ اسين ان وقت انهن پٺاڻن جي ان ڏنل سهولتن کان تمام خوش ٿي اهي شيون خريد ڪندا هئاسين ته پٺاڻ قسطن تي شيون پيو ڏي پر بدقسمتي سان اسان ۾ ايترو شعور نه هيو ته اهو ئي ڪاروبار پاڻ ڪجي۔
اهڙي ريت اسان جي ڳوٺن جا اٻوجھ، مسڪين ۽ محبتي ماڻهو انهن پٺاڻن کان وياج تي ورتل شين جا قرضي ٿيندا ويندا هئا ۽ جان ڇڏائڻ لاءِ نيٺ گڏ ڪيترائي پئسا ڏئي پٺاڻن کي آجو ڪندا هئا. اهي پٺاڻ لاڙڪاڻي جي ڳوٺن توڙي ٻين ڪيترن ئي شهرن مان ڪيترائي پئسا ڪمائي کڻي ويندا هئا، جڏهن ته اسان جي سنڌي اٻوجھ ماڻهن کي ڪيترو ئي مال متارو هوندي سوندي ذهن ۾ اهو خيال هوندو هو ته، “ڇا پڙهي ڪندو، ڪهڙو نوڪريون ٿيون ملن” ان هڪ سٽ ۾ پنهنجي ٻارڙن کي مزدوريء تي موڪلي پاڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ايندڙ نسل کي شعور کان پوئتي رکندا هئا، پر جيئن ئي دعور بدلجندو ويو ۽ جيڪي ان دعور ۾ شعور وارا ماڻهو هئا تن جدوجهد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌي قوم جيئن 5 هزار سال اڳ شعور واري هئي تيئن واپس اونئن ئي ٿي، تڏهن وڃي ڪجهه سڌارو آيو. هاڻي ڳالھ هئي ته پٺاڻ ڪيئن وڌندا ويا..؟
آءُ صرف لاڙڪاڻي جي ڳالھ ٿو ڪيان ته جڏهن ننڍو هئس اهي پٺاڻ مزدوري ڪري هليا ويندا هئا، پر هن وقت پٺاڻ قوم لاڙڪاڻي ۾ ايئن ڪاهي پئي آ جيئن ڪراچي ۾ مهاجر انڊيا مان آيا هجن، اڳ قسمت سان پٺاڻ نظر ايندو هو، پر هاڻي ته لاڙڪاڻي جي چانڊڪا پل، لاهوري محلا، جناح باغ چوڪ، العباس چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ته صرف پٺاڻن جا هوٽل آهن جتي هو باقاعدي ڄار ڄمايون ويٺا آهن، ان کان علاوه سياري جي موسم لنڊي جو سامان پڻ پٺاڻ کڻي ايندا آهن جن ۾ سنڌي تمام گهٽ نظر ايندا آهن۔
سڀ ڳالهيون پنهنجي جڳھ تي پر اهي پٺاڻ ايترو اڳتي ڪيئن وڌيا ان جو سڄو راض اهو آهي ته محنت ڪري اڳتي وڌيا آهن جڏهن ته اسين پاڻ کي ڏسون ته اسان ڇا ڪيو آهي ته سڀ شيون سامهون اچي وينديون جنهن ۾ عام مثال اهو ئي ڏئي سگهجي ٿو ته لاڙڪاڻي جي نظر محلا، يار محمد ڪالوني، نشتر روڊ سميت ڪيترا اهڙا چانهه جا هوٽل نظر ايندا جتي اڌ چانھ جو پي ڪري 3 ڪلاڪن جي فلم ڏسڻ ۾ مسروف نظر ايندڙ سنڌي نوجوان هوندا۔ اهڙي ريت گهٽ تعليم سان گڏوگڏ اسان محنت به گهٽ ڪئي پر هٿئون پٺاڻن کي هٿي ڏيندي ڪرائي تي پنهنجون جڳهون ڏئي پٺاڻن کي تمام اڳتي ته آندو، پر پاڻ کي سيٺ سڏرائي پراپرٽي جو مالڪ بڻجڻ تي فخر محسوس ڪندي چند هزار مسواڙ پيا وٺون جڏهن ته اسان جو مسواڙي لکين رپيا ڪمائي پنهنجي ڳوٺ ٿو موڪلي. ان سان اهو ثابت پيو ٿئي ٿي ته اسان صرف وڏائيء ۾ پورا آهيون باقي محنت اسان کان ڪو نه پڄي۔
هن محل لاڙڪاڻي ۾ لنڊا جو سامان کپائيندڙ به پٺاڻ آهي ته لاڙڪاڻي جو ڊي آء جي به پٺاڻ ۽ لاڙڪاڻي جو ايم اين اي توڙي ايم پي اي ڳالھ به سنڌي هو ته اڄ به سنڌي آهي، فرق صرف ۽ صرف عام ماڻهو ۾ آهي ته جيڪو ڪالھ به اٻوجھ جو ته اڄ به اٻوجھ آ، جتي ڪالھ پٺاڻ مزدوري ڪرڻ ايندو هو اتي اڄ هن پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جيڪو ڪالھ سنڌي مزدور جو اهو اڄ به مزدور آهي. هي لکيل مضمون پٺاڻ قوم جي لاڙڪاڻي ۾ پکيڙجڻ جي خلاف نه پر پاڻ کي اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي ان لاءِ لکيو آهي. پٺاڻ قوم به پاڪستاني آهي ته سنڌي قوم به پاڪستاني صرف ۽ صرف محنت جو ڪريڊٽ پٺاڻ قوم ڏي هن وقت گهڻو پيو وڃي. ياد رهي ته ٻي ايندڙ ڪالم ۾ اهم انڪشاف پڻ ڪندس ته پٺاڻ کي لاڙڪاڻي اندر ڪنهن جي پٺ ڀرائي آهي۔