وڳڻ عوامي پريس ڪلب ۾ اڄ هڪ اهم اجلاس

0
236
wagan awami press club

وڳــــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ عوامي پريس ڪلب ۾ اڄ هڪ اهم اجلاس ٿئي گذريو جنهن ۾ عوامي پريس ڪلب جي سڀني صحافين شرڪت ڪئي، اجلاس عوامي پريس ڪلب جي صدر نادر علي مغيري جي سربراهي ۾ ٿي ان موقعي تي سئنير صحافي عبدالستار مغيري ، ارباب علي چولياڻي، احسان علي ٽوٽاڻي آفتاب گل مغيري، حسن علي مغيري ، عباس علي مغيري، راجا سڪندر علي مغيري، ايم رفيق مغيري، رياض حسين مغيري پڻ موجود هئا۔

پروگرام جي شروعات قرآن پاڪ جي ورد سان ڪيو ويو ۽ ان کان پو۽ سئنير صحافي عبدالستار مغيري خطاب ڪندي چيو ته هن وقت صحافين جي لا۽ وڏو مئسلو اهو آھي ته صحافين کي صحافت ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي آزاد صحافت هوندي به آزاد ناهي سڄي سنڌ اندر قلم ڌڻين سان ناانصافيون ٿي رهيون آھن قلم ڌڻي محفوظ نٿا رهي سگهن ان جو ڪارڻ اهيو آھي ته ڪجھ اهڙا ماڻھو ان پيغمبري پيشي ۾ داخل ٿي ويا جن جو ڪم صحافت ناهي بلڪي صحافت جي پيشي ۾ اچي پهنجو دفع ڪرڻ آھي۔

انهن خلاف ڪاروائي ٿيڻ کپي جيڪي صحافت جي آڙ ۾ سماجي بورايون پيا ڪن انهن جا رستا روڪ ڪجن تڏھن صحافت بچي سگهجي ٿو نه ته هن وقت اها حالت آھي ته جيڪي ورڪنگ جرنلسٽ آھن انھن خلاف ڪوڙيون سازشون ڪيون ٿيون وڃن ۽ انهن تي قاتلاڻا حملا ٿا ڪيا وڃن حڪومت سنڌ کي گهرجي ته اهئي صحافين کي تحفظ فراهم ڪن ۽ صحافين کي سهولتون فراهم ڪن۔

اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي پريس ڪلب وڳڻ جي صدر نادر علي مغيري چيو ته سڄي سنڌ اندر قلم ڌڻين سان ظلم ڪيو وڃي پيو ڪنهن صحافي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن کي گولي هڻي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو ڪنهن تي وري تشدد ڪيو وڃي ٿو آخر ڇو صرف صحافين تي حملا ڪيا وڃن ٿا اهو انه ڪري جو صحافي مظلوم ۽ لاچار اٻوجھ ماڻهن جو آواز بڻجن ٿا۔

هن اجلاس جو مقصد اهو هيو ته حڪومت وقت پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ پهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري هنن حڪمرانن قلم ڌڻين سان ڪوب انصاف ڪون ڪيو اچ به صحافي پنهنجي خرچ تي پريس ڪلب هلائي رهيا آھن ۽ هر سهولتن کان محروم بڻيل آھن پر ڪنهن به حڪمران انهن جي واهر ناهي ڪئي جڏھن ڪنهن حڪمران سان مئسلو ٿي ٿو تته اهو سڀ کان اڳ صحافين وٽ وڃي ٿو منهنجي مدد ڪئي وڃي صحافي نه گرمي ٿا ڏسن نه سردي ٿا ڏسن رات ھجي يا ڏينهن جھر جهنگ ۾ وڃي پنهنجي صحافتي سرگرميون سرانجام ڏين پيا پر انهن جي لا۽ ڪاب سهولت ناهي جيڪو سرسر انا انصافي آھي انهن سهولت جي کوٽ ۾ عوامي پريس ڪلب وڳڻ به آھي جتي ڪاب سهولت ناهي جو صحافي ڪم ڪري سگهن ايڏن مئسلن جي هوندي به پو۽ به پنهنجون ذميواريون نڀائن پيا، حڪومت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اهئي ننڊن شھرن جي پريس ڪلبن کي به سهولتون ڏين ته جئين مقامي صحافي بهتر نعموني سان اڃان به وڌيڪ ڪم ڪري سگهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here