پ پ ايم پي ايز نواب سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جي رهائشگاهه تي چڙهائي واري عمل خلاف وارھ ۾ شٽر بند هڙتال

0
268

ٻه ڏينهن اڳ پ پ ايم پي ايز نواب سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جي قمبر واري رهائشگاهه تي آء جي سنڌ مشتاق مهر جي حڪم تي حيدرآباد لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڊي آء جي جي اڳواڻي ۾ چڙهائي واري عمل خلاف پيپلزپارٽي تعلقه ۽ سٽي يوٿ سپاف وارھ جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري پ پ آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چونڪ تي ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هڻي آء جي سنڌ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي ۾ هزارين ماڻهن کي رياض الدين ابڙو، ھيرو سومرو، عبدالغفار بروهي مور منصور چانڊيو ، بشير خان چولياڻي سرائي محمد نواز کهاوڙ، طارق حسين چانڊيو ثناء الله چولياڻي پنهل عباسي ميڙ کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي ايم پي ايز سردار خان چانڊيو ۽ نوابزاده برھان خان چانڊيو جي گهرن تي بناجواز چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي، جنهن ڪيس ۾  جواز بڻائي گهرن مٿان چڙهائي ڪئي وئي آهي،

ان ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي برھان خان پهرين ڏينهن کان مسلسل ڪورٽن سان رجوع ڪري رهيا آهن، ڪڏهن به قانون کان منهن ناهي موڙيو هنن سدائين قانون جي پاسداري ڪئي آهي،
اسان جي اڳواڻن جي گهرن مٿان چڙهائي جي  اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا،

هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه پ پ قيادت  کان مطالبو ڪيو ته فوري طور آء جي سنڌ کي هٽائي پيپلزپارٽي جي ايم پي ايز سان انصاف ڪيو وڃي،

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here