سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي رهائشگاهه تي پوليس جي ڇاپي خلاف احتجاج

0
168

رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي نواب زادہ برهان خان چانڊيو جي رهائش گاھ تي پوليس چڙهائي خلاف، ڊاڪٽر نياز حسين چانڊيو، ڊاڪٽر اقبال بروهي، شعيب ميمڻ، شير علي مگسي، شعبان شيخ ،مجاهد حسين شاھ بيبي باگڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ڀٽو چونڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو تہ پوليس ڏاڍ ۽ بربریت جو مظاهرو ڪري چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪيو، پولیس بنا ڪنهن وارنٽ جي ٻن ايم پي ايز جي بنگلن ۾ داخل ٿي جهڙتي ورتي جيئن ڪنهن ڏوهاري هجن، ميھڙ واقعي ۾ ضمانت هجڻ جي باوجود بنا جواز رهائش گاھ تي ڇاپا هڻڻ جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون تہ آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ڊي آئي جي حيدرآباد سميت ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هنن اعلان ڪندي وڌيڪ چيو تہ سڀاڻي آچر تي قمبر شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي، هنن چيو تہ جيسيتائين نواب سردار خان چانڊيو ۽ نوابزاده برهان خان چانڊيو سان انصاف نہ ڪيو ويندو اسان جو احتجاج جاري رهندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here