پورھيت ھاشم جي ٽن ورھين جي معصوم نياڻي دل ۾ سوراخ واري بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب سخت تڪليف ڀوڳڻ لڳي

0
184

وڳــــــــــــڻ رپـــورٽــر حسن علي مغيري

وڳڻ لڳ ڳوٺ ٿرڙي ھاشم ۾ پورھيت جي ٽن ورھين جي معصوم نياڻي دل ۾ سوراخ واري بيماري مبتلا ٿيڻ بعد سخت تڪليف ڀوڳڻ لڳي ان ڏس ۾ پورھيت بدرالدين شيخ جي ٽن ورھين جي نياڻي خديجه الڪبري’ کي دل ۾ سوراخ ٿيڻ بعد وارثن علائقي جي مختلف سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرايو مگر ڪو به فائدو نه پئجي سگھيو آھي۔

جڏھن ته نياڻي جي علاج لاءّ پورھيت کي ڊاڪٽرن ڪراچي اسپتال وڃڻ جو مشورو ڏنو آھي ھوڏانھن پورھيت نياڻي جي وڌيڪ علاج جي سڳھ نه ھجڻ ڪري بنا علاج جي نياڻي کي گھر ۾ بي يارو مددگار ويھاري ڇڏيو آھي۔

ان حوالي سان پورھيت بدرالدين شيخ روئنيدي ٻڌايو ته آنءُ ھڪ غريب مسڪين پورھيت آھيان مونکي ھن وقت ڪمائڻ جي به وصيعت ناھي رھي مُنھنجي ٽن ورھين جي معصوم نياڻي خديجه الڪبري’ کي دل ۾ سوراخ واري بيماري آھي ھُو ھر وقت تڪليف ۾ رھي ٿي سندس تڪليف ڏٺي نٿي وڃي کيس مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ ڏيکاريو آھي پر ڊاڪٽر چون ٿا ته سندس آپريشن ٿيندو اُن تي لکين روپيا خرچ ايندو مان مسڪين سندس خرچ برداشت نٿو ڪري سگھان۔

مان سندس علاج لاء سمورن انسانن کي اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي نياڻي جي علاج لاء منھنجي مدد ڪئي وڃي ته جيئن منھنجي معصوم نياڻي جي زندگي بچي سگھي ٻئي طرف سماجي اڳواڻ بخش علي ۽ ڪامران علي تنيو ٻڌايو ته پورھيت جي نياڻي جي علاج لاءّ سگھاريون ڌريون ۽ وس وارا اڳيان اچن جيئن معصوم نياڻي جي زندگي بچي پوي جڏھن ته سرڪاري اسپتالن ۾ ايتري سھولت ناھي جو نياڻي جو موئثر علاج ٿي سگھي , ھُنن وڌيڪ چيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن کي پورھيت جي نياڻي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ نياڻي جو علاج سرڪاري سطح تي ڪراچي اسپتال مان ڪرايو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here