ڀيل برادري پاران 4 آگسٽ تي مٺي ۾ اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻي جو اعلان

0
339

مٺي: رپورٽ جنيد آزاد

ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ ڀيل برادري سان انصاف نه ٿيڻ خلاف 4 آگسٽ تي مٺي ۾ اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻي جو اعلان, ڌرڻي کي ڪامياب بنائڻ لا۽ ڪاميٽي قائم، اڳواڻن پاران ٿر جي مختلف ڳوٺن جا دورا, ان ڏس ۾ بي آءِ ايف ضلعي ٿرپارڪر جي گڏجاڻي مٺي ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ مرڪزي صدر سوروڀيل، وڪيل لجپت سوراڻي، گومون ڀيل، ڏيوجي ڀيل سميت ضلعي ۽ تعلقه عهديدارن شرڪت ڪئي، اڳواڻن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٿر ۾ انصاف نالي ڪا شيءُ ناهي، هتي قانون به ظالمن جو تحفظ ڪري رهيو آھي۔

ان ڪري مظلومن سان تدارڪ نٿو ٿئي، هنن چيو ته ڳوٺ مالڻھورخانجي ۽ هريار ۾ ڀيل برادري جي ماڻھن سان ظلم ڏاڍ جبر ۽ زيادتين جو ڪيترن ئي ڏينهن کان ازالو نه ٿي سگهيو آھي، ٿر ۾ پ پ جي مقامي نمائيندن جي سياسي دٻاءُ سبب ضلعي انتظاميه حقيقي ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏئي مظلوم ماڻھن کي دٻايو پيو وڃي، ٿر ۾ هڪ سازش تحت اسان جي ماڻھن کي ٽارگيٽ جو نشانو بڻائي زيادتيون ڪيون پيون وڃن۔

اسان جي ماڻھن جو ڏوھ صرف اهو آھي ته گذريل اليڪشن ۾ ماڻھن اسان کي ووٽ ڏنا هئا۔ ان ووٽ جي سزا برادري جي ماڻھن کي ڏني پئي وڃي، اسان انصاف لا۽ 4 آگسٽ تي پرامن ريلي ڪڍي ڦانگهاريو چيڪ پوسٽ وٽ ڌرڻو هڻنداسين ۽ انصاف نه ٿيڻ تائين ڌرڻو مسلسل جاري رهندو ,4 آگسٽ تي مٺي ۾ انصاف جو جنازو به ڪڍيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here