بااثرن پاران ڪوڙا ڪيس ۽ ڌمڪين خلاف ڏوڪري جي صحافي جو احتجاجي مظاهرو

0
238

ڏوڪري: قاضي فريد

ڏوڪريءَ جي صحافي اسلم ٻگھيو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو تہ ڏوڪري جي ٻگھيو پاڙي جا بااثر صدام ٻگھيو، علڻ عرف علي محمد، روشن علي، اظهار ٻگهيو، ۽ ٻيا مختلف وقتن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڌمڪائي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته جوابدار بااثر آهن مون کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔

هن چيو ته مون کي يا منهنجي گهرن وارن کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار صدام ٻگھيو، علڻ عرف علي محمد، روشن علي آهن۔ ھن اعلیٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here