روس راڪيٽ حملي ۾ 6 سئو کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارڻ جي دعويٰ

0
90

روس راڪيٽ حملي ۾ 6 سئو کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي بچاءُ واري وزارت جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪراما تورسڪ واري علائقي ۾ يوڪريني فوج جي عارضي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته راڪيٽ حملي ۾ 6 سئو کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارجي ويا آهن.
روسي بچاءُ واري وزارت موجب ڪراما تورسڪ حملو ماڪيوڪا ۾ روسي فوج تي يوڪريني حملي جو جواب آهي.
ياد رهي ته گذريل هفتي روس جي قبضي هيٺ علائقي ماڪيوڪا ۾ يوڪريني فوج جي حملي ۾ 89 روسي فوجي ماريا ويا هئا، جڏهن ته يوڪرين حملي ۾ 4 سئو کان وڌيڪ روسي فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here