وڳــــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري
وڳڻ ڀرسان ڳوٺ ياروديرو ۾ جماعت اهلسنت طرفان ڀلاري مهيني رمضان المبارڪ جي آمد جي سلسلي ۾ هڪ عظيم الشان جلسو ٿي گذريو جلسي کي علاما ومولانا قاري غلام اڪبر سهڙو حسيني ۽ علاما حافظ حفيظ الرحمان سانڍ حسيني ختاب ڪندي چيو ته رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو مسلمانن لاء ڇوٽڪاري ۽ نجات جو مهينو آهي۔
عالمن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان جي پياري آقا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم رمضان المبارڪ جي بابرقت مهيني لاء حديث ۾ ارشاد فرمايو آهي ته رمضان المبارڪ جو پهريون ڏهاڪو منهنجي امت لاء رحمت آهي ٻيو ڏهاڪو امت لاء بخشش جو آهي ۽ ٽيون ڏهاڪو منهنجي امت لاء جهنم کان ڇوٽڪاري جو آهي۔
اسان مسلمانن کي گهرجي ته رمضان المبارڪ جي بابرقت مهيني جو قدر ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪريون جلسي ۾ نعت خوانن حافظ وسيم احمد تنيو حسيني فقير محرم علي خوسو حسيني ۽ ٻين رمضان المبارڪ جي آمد جون منقبتون پڙهي سوين عاشقان رسول صلي الله عليه وآله وسلم جون دليون ٺاري ڇڏيون ۽ آخر ۾ عالمن امت مسلما لاء ۽ پاڪستان جي امن سلامتي لاء خسوسي دعائون پڻ گهريون۔