پکو شھر ۾ 12 ربيع الاول جي نسبت سان ريلي ڪڍي وئي

0
187

 پکو رپورٽر محمد نواز مغيري

پکو شهر ۾ سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرا گونجي اٿيا هر طرف مرحبا مرحبا  يارسول الله جا نعرا  12 ربيع الاول جي نسبت سان سڄي دنيا جيئان پکو شھر ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن گهوگهارو گھوگھاري ديدڙ خير پور جوسو حاجي گلوخان مغيري جان محمد مغيري ۽ رئيس چانڊو خان مغيري ديدڙ الجامع مسجد مان اھلسنت جماعت الحسيني ۽ عطاري القاسم جماعت پاران گڏيل طور حضور پاڪ سرڪار جي آمد جي خوشي حافظ  محمد ياسين ھاليپوٽو، سائين محمد هاليپو ٽو ۽ سڀايو مغيري جي اڳواڻي ۾ ھڪ وڏي عاليشان ريلي ڪڍي وئي۔

عاشقانه رسول صلم پاران ھزارين تعداد ۾ شرڪت ڪري مرحبا مرحبا يا مصطفيٰ جي نعرن جي گونج ۾ سوين موٽر سائيڪلن ڪارن ٽريڪٽرن تي ھزارين ڳوٺاڻا ريلي جي صورت ۾ مختلف رستن کان ٿيندي پکو نيشنل پريس ڪلب  پھتا ھوڏانھن  گهوگهاري سائين  عبدالڪريم پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ھڪ وڏي عاليشان ريلي ديدڙ شھر کان ٿيندي پکو نيشنل پريس ڪلب  پھتي اڳواڻن خطاب ڪندي فرمايو ته اللّه رب العاالمين جا ڪروڙ احسانات آهن جو اسان کي اهڙي آقا حضرت محمّد صلي اللّه وآله وسلم جو امتي بڻايو آهي ۽ اسان سڀني مسلمانن لاءِ ھي ڏينھن ھڪ عظيم فضيلتن ۽ برڪتن وارو ڏينھن آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here