قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين
قمبر جي مختلف ڳوٺن جي غريب پورهيتن جي نالن تي نامعلوم ماڻھن قسطن تي ٽريڪٽر سسبڊي اسڪيم تحت ٽريڪٽر وٺي ڇڏيا قسطون جمع نہ ڪرائڻ تي ڊي جي ايگريڪلچر حيدرآباد پئمينٽ نہ ملڻ تي مختيار ڪار روينيو قمبر طرفان ڳوٺاڻن ڏانهن نوٽيس موڪلي نيب سکر وٽ پيش ٿيڻ لاء چيو آھي ان سلسلي ۾ ڳوٺ ڄام خان چانڊيو جي رهواسين عورتن ۽ مردن نا انصافي خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو۔
ان سلسلي ۾ اياز حسين چانڊيو، رضيہ خاتون چانڊيو، سلطان احمد محمد بچل چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو تہ اسان غريب مسڪين پورهيت آھيون اسان کي هڪ ويسو بہ زرعي زمين نہ آھي نامعلوم ماڻھو اسان جي نالن تي قسطن تي ٽريڪٽر ڪڍرائي ويا آھن اسان غريب آھيو هيئنر اسان ڏانهن مختيار ڪار ليٽر جاري ڪيا آھن جنهن سبب اسان پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون هنن مطالبو ڪيو تہ اسان سان فراڊ ڪري ٽريڪٽر حاصل ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي۔