هفتو اڳ پراڻن ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ عنايت لاشاري ضمانت تي وارھ سب جيل مان آزاد

0
200

وارھ رپورٽ: مظفر قاضي

وارھ هڪ هفتو اڳ پراڻن ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ عنايت لاشاري ضمانت تي وارھ سب جيل مان آزاد، شهري اتحاد ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو واليانه استقبال ڪيو۔ قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر منور علي جتوئي عنايت اللہ تنيو اڪبر خاصخيلي ڪامريڊ سرتاج احمد چانڊيو وارھ شھري اتحاد جو صدر مولوي محمد صديق مڱڻيجو سميت سياسي سماجي اڳواڻ وارھ سب جيل پهچي گل نڇاور ڪري شهر ۾ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ڪراچي ڪاميٽي کي رد ڪرڻ لاء سخت نعريبازي پڻ ڪئي۔

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ڪراچي سنڌ جو تخت گاھ آھي ڪراچي جي خلاف پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم ء پي ٽي آء طرفان جوڙيل ڪراچي ڪاميٽي سنڌ خلاف ھڪ سازش آھي جنھن کي ڪنھن بہ صورت م قبول نہ ڪيو ويندو۔

جيڪڏھن زبردستي اسان جي مٿان اھڙا فيصلا مڙھيا ويا تہ سخت مزاحمت ڪنداسين، پيپلزپارٽي ڪرپٽ حڪمران ڌر آھي جنھن سدائين سنڌ دشمن فيصلا ڪيا پيپلزپارٽي پنھنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاء اھڙا فيصلا ڪندي آهي، سازش کي ڪنھن بہ صورت م قبول ڪونہ ڪيو ويندو هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ دشمن فيصلا رد ڪري سنڌي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here