هيومن رائيٽس پروٽيڪشن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاران ميونسپل ڪاميٽي ھال قمبر ۾ ميٽنگ

0
248

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر: هيومن رائيٽ پروٽيڪشن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي طرفان ميونسپل ڪاميٽي ھال قمبر ۾ ميٽنگ رکي وئي جنهن ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي عهديدارن ۽ ستن ئي تعلقن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر حسين بخش ميمڻ، بابر ميمڻ، علي مردان بروهي، عاشق سومرو، اخلاق احمد چانڊيو، قاضي نياز حسين، احمد نواز مغيري ،علي اڪبر، گھنور خان بروهي، عبدالحليم بروهي سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته هيومن رائيٽ پروٽيڪشن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي بي پهچ، بي سهارا ماڻهن لاءِ ڪم ڪندي ۽ هن جديد دور ۾ ضلع جا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن جتي صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻا شهرن ۾ اچڻ تي مجبور آهن جتي به دوائن جي کوٽ هجڻ ڪري غريب شهري پرائيويٽ اسپتال وڃڻ تي مجبور بڻيل اسپتالن ۾ ڪتي جي چڪ جي ويڪسن به نه ملي رهي جيڪا قمبر شهدادڪوٽ جي عوام سان وڏي ناانصافي آهي هنن وڌيڪ چيو ته هيومن رائيٽ پروٽيڪشن آئوٽ آف اسڪول شاگرد آهن انهن کي اسڪولن ۾ داخلا ڪرايو ويندو جيڪو هو تعليم جهڙي زيور کان محروم نه بڻجي سگهن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ترقياتي ڪمن تي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي ستن ئي تعلقن جون تمام جلد باڊيون چونڊي تعلقن جي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here