سڪرنڊ ۾ خيرات وٺڻ جي بهاني گهر ڀاتين مٿان پڙھائي ڪري ڦر ڪندڙ ٻه عورتون گرفتار

0
164

سڪرنڊ رپورٽ مشتاق سولنگي

سڪرنڊ ۾ خيرات وٺڻ جي بهاني گهر ڀاتين مٿان پڙھائي ڪري گهرن مان ڦر ڪندڙ عورتن جي ٽولي مان نواب شاھ جون رهواسي ٻه عورتون اختري ۽ صغران پڪڙيون ويون آھن جيڪي هڪ سال اڳ خيرات جي بهاني سان سڪرنڊ جي بخاري پاڙي مان جبار ڪيريو جي گهر مان پڙھائي وسيلي ڦر ڪري ويون هيون ۽ اڄ وري ساڳئي ئي پاڙي ۾ پنڻ جي بهاني آيون ته گهر ڀاتين هڪ عورت اختري کي سڃاڻي سوگهو ڪري ورتو جن کي بعد ۾ سڪرنڊ پوليس جي حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي پڪڙيل عورتن جو مؤقف آھي ته اهي نواب شاھ جون آھن ۽ سڪرنڊ خيرات وٺڻ اينديون رهنديون آھيون پر اسان کي چوري جي الزام ۾ بي گناھ گرفتار ڪرايو ويو آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here