ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ سنڌي ميڊيا جي علانيل “سنڌ جا ٻيٽ ۽ زمين سنڌ جي ملڪيت” ڀرپور موٽ.سڄي سنڌ سميت سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان سان ملهايو پيو وڃي، اڄ ڏوڪري توڙي ڀرپاسي جي ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو ثقافتي ويس وڳا پھري دنيا کي امن محبت ايڪي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي رهيا آهن۔
آڄ ثقافتي ڏهاڙي تي ڏوڪري شهر ۽ ھليا يوٿ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران باءِ پاس ڏوڪري کان نعمت کهڙو ۽ مھراڻ ھليو جي اڳواڻي ۾ شاندار ثقافتي ريلي ڏوڪري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي محمد علي کوسي ۽ خالد جوڻيجي جي اڳواڻي ريلي ڪڍي، جسقم پاران رڪ سنڌي ۽ نديم باغي جي اڳواڻي ۾ علي پارڪ کان ڏوڪري شهر جي گشت بعد پريس ڪلب آڏو قومي گيتن تي رقص ڪيو۔