موهن جو دڙو پوليس جو ڪارنامو ڊائلاسس جي مريضن مٿان چوري الزام هڻي 4 ڏينهن کان گم، رشوت عيوض آزاد

0
140

ڏوڪري

موهن جو دڙو پوليس جو ڪارنامو ڊائلاسس جي مريضن مٿان چوري الزام هڻي 4 ڏينهن کان گم ڪرڻ بعد ڳري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو هو، مريض جو وقت تي علاج نه ٿيڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل، وارثن جو احتجاج تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڇتي واهڻ جي رهواسين ڊائلاسس جي مريض غلام محمد ابڙو ۽ احسان کي ايئرپورٽ پوليس گرفتار ڪرڻ بعد ڳري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو۔

جڏهن ته غلام محمد ابڙو گڙدي جي بيماري ۾ مبتيلا آهي جڏهن ته ايئرپورٽ ايس ايڇ او طالب حسين جوڻيجو مريض کي چور ڄاڻائي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو هو ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن غلام محمد ابڙو جي وارثن ايئرپورٽ پوليس خلاف صحافين اڳيان دانهندي چيو ته اسان جا نوجوان چانھ پيئي وڏي وهڻي ۽ ڏوڪري روڊ سان ڳوٺ اچي رهيا هئا ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او طالب حسين جوڻيجو بنا سبب جي گرفتار ڪري 4 ڏينهن کان گم ڪري ڇڏيو هو۔

هنن چيو ته ايئرپورٽ ايس ايڇ او اسان جي نوجوان غلام محمد ابڙو گڙدن جي بيماري ۾ مبتيلا آهي ۽ ان جي دوا وغيره بند ڪري ڇڏيو هيون. جنهن سبب اسان جي نوجوان جي طعبيت خراب ٿي وئي آهي هنن چيو ته ايس ايڇ او طالب جوڻيجو 35 هزار روپيا رشوت وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو هو. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ايس ايڇ او ايئرپورٽ طالب حسين جوڻيجو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here