پيٽرول اگهن ۾ 35 رپيا واڌ تي ليگي قيادت خاموش

0
78

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ 35 رپين جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي مسلم ليگ نون جي قيادت طرفان فوري طور تي ڪوبه ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته گذريل سال 16 آگسٽ تي حڪومت پيٽرول اگهن ۾ 6 رپيا 72 پيسا واڌ ڪئي هئي ته ليگي قيادت سخت ردعمل ڏنو هو ان وقت ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل هو.


پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي نون ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو هو ته نواز شريف نه رڳو پيٽرول اگهن ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي آهي پر ايتري تائين جو عوام تي هڪ پيسو به ٻوجهه قبول ناهي.


مريم نواز جو چوڻ هو ته نواز شريف اهو چئي گڏجاڻي مان اٿي ويو ته جيڪڏهن حڪومت جي مجبوري آهي ته هو اهڙي فيصلي تي ساڻن گڏ نه ويهندو.
اڄ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ 35 رپين جي وڏي واڌ جو اعلان ڪيو آهي ته ليگي قيادت طرفان ڪوبه ردعمل سامهون ناهي آيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here