غلام مصطفي جتوئي پبلڪ لائبريري بند هجڻ تي شاگردن جو احتجاجي مظاهرو

0
149

ڏوڪري: غلام مصطفي جتوئي پبلڪ لائبريري بند هجڻ تي شاگردن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شاگردن قاضي پرويز، مقصود عباسي، نعيم انصاري، اميت ڪمار، صالح جمالي، ياسر ڏيرو، مهراڻ ميمڻ، رسول بخش ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري غوث بخش جتوئي ۽ ٽائون آفيسر سڪندر علي ڀٽي غلام مصطفي جتوئي پبلڪ لائبريري بند ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته لائبريري بند هجڻ سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، اسٽڊيز به ناهيون ڪري رهيا. هنن چيو ته پبلڪ لائبريري ۾ 50 کان وڌيڪ شاگرد آهن جيڪي ايس او پيز تي عمل ڪندي اسٽڊيز ڪري سگهن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير غلام مصطفي جتوئي پبلڪ لائبريري کولي ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here