قمبر شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ شھر جي صفائي نه ٿيڻ خلاف جمعيت علماء اسلام ۽ شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو

0
150

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ شھر جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف جمعيت علماء اسلام ۽ شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو۽ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھيندي اڳواڻن حافظ عذير گل جاگيراڻي ڪامريڊ نظير احمد تنيو سراج احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي قمبر شهر ۾ وڌندڙ بد امني چوٽ ته چڙهي وئي آهي ڪجهه ڏينهن اڳ شهر جي مين بازار مان ديوان برادري جي نوجوان کان ڦورن لکي روپيا ڦر ڪري ان کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو۔

گذريل ڏينهن ايس ايس پي آفيس جي سامهون علي خان محلا ۾ ڏينهن ڏٺي جو شيخ برادري جي گهر ۾ ڌاڙي ھڻي 2 لک روپيه ۽ سونار زيور کڻي هڪ عورت کي شھيد ڪري نامعلوم ڦورو فرار ٿي ويا پر افسوس آهي ته قمبر سٽي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ٻئي طرف ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب سڄو شھر گندگي جو ڍير ٿيڻ لڳو انتظاميا خاموش بڻيل آهي اسين اپيل ٿا ڪيون اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي ڪرپٽ ڊي سي کي ھٽائي ڪو ايماندارآفيسر مقرر ڪري شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here