پيپلزپارٽي قيادت هيمشہ عوام جي لاءِ قرباني ڏني آهي، قاضي جميل احمد

0
199
Qazi Jameel Ahmed

ڏوڪري: پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو کي سٽي جي صدارت ملڻ تي مبارڪون جو سلسلو جاري آهي ان ڏس ۾ گذريل پ پ يوسي ڳجهڙ جنرل سيڪريٽري منظور احمد کوکر، آصف کوکر، امجد کوکر ۽ ٻيا قاضي هائوس تي پهچي پيپلزپارٽي سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبر محمد عثمان کوکر گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون۔

ان موقعي تي پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، يونين ڪائونسل ڳجهڙ جنرل سيڪريٽري منظور احمد کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد لانگ مارچ ۾ لکين عوام شرڪت ڪندو، اسلام آباد لانگ مارچ نيازي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو. هنن چيو ته پيپلزپارٽي قيادت هيمشہ عوام جي لاءِ قرباني ڏني آهي، عوام جي خاطر سنڌ حڪومت جي قرباني به ڏيڻ لاءِ تيار آهي۔

هنن وڌيڪ چيو ته 27 ڊسمبر شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڏوڪري تعلقي جو عوام ڀرپور شرڪت ڪندو. هنن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشين تي هلندي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته ملڪ نظرياتي آهي ۽ پيپلزپارٽي وٽ نظرياتي ڪارڪنن آهن. هنن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي سمنڊ آهي، عوامي سمنڊ نيازي حڪومت کي لوڙهي ڇڏيندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here