ڪورونا وائرس صورتحال: 22 وڌيڪ فوت، 953 ٻيا متاثر

0
172

ڪراچي (پهرين جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 22 مريض فوت ٿيڻ سان ٽوٽل انگ وڌي 3582 تائين پهچي ويو آهي ۽ 11771 نمونا ٽيسٽ ڪرڻ سان 953 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا  وڌيڪ 22 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ وڌي 3582 ٿي ويو آهي جيڪا فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي۔

مراد علي شاهه چيو ته 11771 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 953 ڪيس پڌرا ٿيا آهن جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 8 سيڪڙو آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2372424 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 216632 ڪيس پڌرا ٿيا آهن جنهن مان 90.5 سيڪڙو يعني 196134 صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 714 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 16916 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 16131 گهرن ۾، 11 آئسوليشن سينٽرن ۽ 774 مختلف اسپتالن ۾ شامل آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته 701 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ انهن مان 73 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 953 نون ڪيسن مان ڪراچي جا 792 مريض  آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ 276، ضلع اوڀر 217، ضلع ڪورنگي 126، ضلع سينٽرل 80، ضلع اولهه 80 ۽ ضلع ملير 43 ڪيس شامل آهن جڏهن ته حيدرآباد 34، ميرپورخاص ۽ شهيدبينظيرآباد 14-14، سجاول 12، ٽنڊوالهيار ۽ ڄامشورو 8-8، لاڙڪاڻو 7، قمبر ۽ خيرپور 6-6، نوشهروفيروز، ٽنڊومحمدخان ۽ ٺٽو 4-4، بدين، جيڪب آباد ۽ عمرڪوٽ 3-3 ۽ سکر 1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here