پوليس اسان مغيري برادري جي لا۽ زمين تپائي ڇڏي آھي

0
172

وڳـــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

مغيري برادري جي مير همايون خان مغيري، همٿ علي مغيري، قلب حسين مغيري، ممتاز علي مغيري ۽ حضور بخش مغيري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ پوليس اسان مغيري برادري جي لا۽ زمين تپائي ڇڏيو آھي اسان جا بيگناھ نوجوان کنڀي کڻي ويا آھن 3 ڏيهن گذري ويا پر هن وقت تائين انهن جو ڪوب ڏس پتو ڪون پئجي سگهيو اسان کي خدشو آھي تہ اسان جي نوجوانن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندا۔

تفصيل موجب وڳڻ لڳ پکو مان 3 ڏيهن اڳ وڳڻ پوليس 3 ڄڻن محرم علي مغيري، اصغر مغيري ۽ قلب حسين مغيري کي کنڀي کڻي وئي جنهن کان پو۽ وارثن پاران ايس ايڇ او وڳڻ سان ملاقات ڪري مئسلو معلوم ڪيو تہ اسان جي نوجوانن کي ڪهڙي گناھ ۾ کڻي ويا آھيو تہ ايس ايڇ او وڳڻ چيو هئي ڏوهاري آھن هنن کان معلومات وٺڻي آھي جنهن کان پو۽ وارثن چيو تہ اسان جي نوجوانن کي آزاد ڪيو جنهن کان پو۽ ايس ايڇ او وڳڻ رشتوت طلب ڪندي چيو تہ مونکي پئيسا ڏيو تہ توهان جي نوجوانن کي پو۽ آزاد ڪنداسين۔

گرفتار ٿيل ٽنهي نوجوانن جي وارثن سيشن ڪورٽ ۾ وڃي پٽيشن داخل ڪرائي ريڊ ڪميشنر جي معارفت وڳڻ ٿاڻي تہ ڇاپو هڻايو پر 2 ڄڻن کي پهريان ئي لاڪپ مان ڪڍي نامعلوم هنڌ رکيو ويو ريڊ ڪميشنير جي ڇاپي دوران هڪ ڄڻو قلب حسين مغيري انه وقت ئي برآمد ٿيو ريڊ ڪميشنير ايس ايڇ او وڳڻ کي ٻئي ڏيهن تہ رڪارڊ سميت ڪورٽ سڳوري ۾ طلب ڪيو پر رڪارڊ پيش ڪون ڪري سگهيو جنهن کان پو۽ جج صاحب بيگناھ کنڀي کڻي وڃڻ جي ڪيس ۾ ايس ايڇ او مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ آرڊر بهي جاري ڪري ڇڏيو۔

نوجوانن جي وارثن ممتاز مغيري، همٿ علي مغيري، قلب حسين مغيري، حضور بخش مغيري ۽ مير همايون خان مغيري عوامي پريس ڪلب وڳڻ پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ پوليس مغيري برادري سان ناجائزيون ڪري رهي آھي جيڪي برداشت نٿو ڪري سگهجي ايس ايڇ او وڳڻ اسان جي نوجوانن کي بيگناھ گرفتار ڪري مختلف هنڌن تہ لڪائي رهيو آھي اسان جا نوجوان ڪاروباري ماڻھو آھن ۽ اسان کان پوليس رشوت طلب ڪئي هئي نہ ڏيڻ جي ڪري اسان جي نوجوانن کي کنيو ويو آھي اگر اسان جي نوجوانن تہ ڪيس داخل ٿيل آھي تہ انھ کي واضع ظاھر ڪيو وڃي باقي بغير ڪنهن ڪيس جي نوجوانن کي پرائيوٽ هنڌن تہ لڪائن پيا اسان آ۽ جي سنڌ ۔ ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ٿا ڪريون تہ 24 ڪلاڪن جي اندر اسان جي نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي نت ٻئي صورت ۾ اسان لاڙڪاڻو ڪراچي مين انڊس ها۽ وي روڊ بلاڪ ڪنداسين۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here