لانڍي نمبر 6، يوسي 3 جي وارڊ 4 ۾ 3 سياسي پارٽين جي ڪيمپس ۾ باهه لڳي وئي.
باهه جي واقعي تي سياسي پارٽين طرفان الزام هنيو ويو آهي ته لانڍي نمبر 6 ۾ رات دير سان نامعلوم ماڻهن ڪيمپس کي باهه ڏني جنهن کان پوءِ لانڍي نمبر 6 ۾ سياسي پارٽين جي نمائندن کليل آسمان هيٺ ڪيمپون لڳايون.
ٻئي طرف ايس ايس پي ڪورنگي ساجد سدوزئي چيو آهي ته ٿڌ کان بچڻ لاءِ صبح ڪيمپس ۾ موجود ماڻهن باهه ڏني باهه لڳڻ سبب ڪيمپ ۾ موجود سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته باهه جي واقعي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿي سگهيو