سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور، وارھ سياسي سماجي تنظيم جو سخت احتجاج

0
189

وارھ : مظفر قاضي

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور: وارھ ۾ ڏات ڌڻين ۽ سياسي سماجي تنظيم جو سخت احتجاج خبر موجب سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قائم قديم ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف وارھ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ڏات ڌڻين طرفان قاضي غفار لائبريري کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جيڪو شھر جي مختلف چوڪن کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو. احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن جي هٿن ۾ بينر هئا جن تي ٻيٽن جي وڪري خلاف نعرا لکيل هئا، جيڪي سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا۔

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان ليکڪ نجيب چانڊيو، عرفان منان، محسن ابڙو، غفار ميرجت، نياز حيدري، علي ابڙو، وقار بابر، محمد خان تنيو، مجيب چانڊيو، علي ابڙو، ثقلين عباسي، عرفان ڇٽو، نثار اميراڻي ۽ ٻين چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ جي سامونڊي پٽي ۽ قديم ٻيٽن تي قبضي لاءِ آئلينڊ اٿارٽي قائم ڪئي آھي جيڪا غير آئيني ۽ غير جمهوري آھي۔

هنن چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن وفاق کي ڪوبه اختيار ڪونهي ته اهي هڪ آرڊيننس ذريعي انهن تي قبضو ڪري اهڙي ڏاڍ کي سنڌ قبول نه ڪندي ملڪ ۾ عمران خان آمريت لاڳو ڪري ڇڏي آھي۔

هنن چيو ته ٻيٽن واري حساس معاملي تي پ پ قيادت ۽ سنڌ سرڪار جي مجرماڻي خاموشي مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي به رليف جي آسري تي سنڌ کپائي آئي آھي. هنن گهر ڪئي ته صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ مٿان لٽڪايل آئلينڊ ڊولپمنٽ اٿارٽي جي تلوار هٽائي وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ سخت ردعمل ڏيکاريندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here