اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ نئين درخواست داخل

0
69

اليڪشن ڪميشن سنڌ کي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي لاءِ نئين درخواست اماڻي وئي آهي. جنهن ۾ ڪمشنر حيدرآباد مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڪمشنر حيدرآباد طرفان اليڪشن ڪميشن سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته تيز برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ضلعو دادو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه ۾ اڃان تائين ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي، گهڻين ڪوششن جي باوجود پاڻي جي نيڪالي ممڪن ناهي ٿي سگهي. مختلف جڳهين تي لڳل گهارن کي بند ڪرڻ جو ڪم اڃان تائين جاري آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙن علائقن ۾ عوام جي پهچ ۽ چرپر ڏکي آهي. ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه ۾ 12 هزار خاندان اڃان تائين بي گهر آهن، اهڙين حالتن ۾ پرامن پولنگ ۽ ٽرن آئوٽ بهتر نه ٿي سگهندو. موجوده صورتحال ۾ انهن ٻن تعلقن ۾ هڪ کان 2 مهينن جي لاءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وڃي ٿي.


ٻئي طرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ 15 جنوري تي مقرر مڪاني چونڊن جي معاملي ۾ چونڊ اخلاقن جي ڀڃڪڙين تي اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ ٽيم ڪارروائي ڪئي آهي. ضلعي ڪياماڙي ۾ ترقياتي ڪمن جي شڪايت تي ڊي ايم او محمد حنيف وارننگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مڪاني چونڊن دوران ترقياتي منصوبن جو اعلان فنڊز جي جاري ڪرڻ تي پابندي آهي. ڊي ايم او(ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر) ڪياماڙي مڪاني اميدوارن کي خط ذريعي ٻڌايو ته انتظاميه جي اڳواٽ اجازت کان سواءِ ڪارنر ميٽنگ تي پابندي آهي.


هوڏانهن اليڪشن ڪميشن ڄامشورو جي مانيٽرنگ ٽيم جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل ڪرڻ لاءِ چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here