نامعلوم چور هوٽل جا تالا ٽوڙي هوٽل اندر پيل سامان ٻھاري ويا

0
163

وارھ (مظفر قاضي)

وارھ جي وارث ڪالوني مان نامعلوم چور هوٽل جا تالا ٽوڙي هوٽل اندر پيل سامان ٻھاري ويا هئا هوٽل مالڪ محمد وارث چولياڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته 3 ڏينهن اڳ رات جو دير سان چورن هوٽل جا تالا ٽوڙي ايل سي ڊي، ٽي وي ، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا اهڙو اطلع وارھ پوليس کي ڏنو پر وارھ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو هن چيو مسڪين آھيان ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي .ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفيس اڳيان احتجاج ڪندس

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here