فوج ۽ رينجرز سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي

0
53

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي جي ايڇ ڪيو فوج ۽ رينجرز جي پولنگ اسٽيشنز تي مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.
جي ايڇ ڪيو راولپنڊي سنڌ ۾ 15 جنوري تي شيڊول مڪاني چونڊن ۾ فوج ۽ رينجرز جي پولنگ اسٽيشن تي مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.


ان حوالي سان وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهرو وزارت طرفان اليڪشن ڪميشن کي خط پڻ لکيو ويو آهي.
گهرو وزارت پنهنجي ذريعي ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ حساس ترين پولنگ اسٽيشنز تي مقرري جي لاءِ 20 هزار اهلڪارن جي ضرورت هوندي. پر جي ايڇ ڪيو چيو آهي ته ايتري وڏي انگ ۾ اهلڪار نٿا ڏئي سگهون.
گهرو وزارت چيو آهي ته فوج ۽ رينجرز صرف ڪوئيڪ رسپانس فورس جي طور تي مقرر ٿيندا ڇو ته جي ايڇ ڪيو فوج ۽ رينجرز جي پولنگ اسٽيشنز تي مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here