قمبر: ڳوٺ بوهڙ ۾ زرعي پاڻي جي واري تان چانڊيا ۽ بوهڙ برداري جي ٻن ڌرين جي خوني جهيڙي جو نبيرو سردار خان چانڊيو جي سرپنجي هيٺ ٿيو

0
136

قمبر: ( رپورٽ قاضي نياز حسين )

قمبر- لڳ ڳوٺ بوهڙ ۾ 15 ڏينهن اڳ زرعي پاڻي جي واري تان چانڊيا ۽ بوهڙ برداري جي ٻن ڌرين جي خوني جهيڙي جو نبيرو پ پ ايم پي نواب سردار خان چانڊيو جي سرپنجي هيٺ غيبي هائوس قمبر ۾ ٿيو ڌرين مٿان 3خونن ۽ 3 زخمين جو مجموعي ڏنڊ 74 لک روپيا مقرر جنهن مان چانڊيا برادري مٿان 2خون ۽ هڪ زخمي جو 43 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته بوهڙ برداري مان هڪ ڄڻي جي قتل ۽ هڪ شديد زخمي ۽ هڪ زخمي جو 31 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي ٻهير اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 40 لک ڏنڊ جي فتوي ٻڌائي وئي فتوي ٻڌائڻ کان پوءِ ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويو ياد رهي ته 15 ڏينهن اڳ قمبر لڳ ڳوٺ بوهڙ ۾ زرعي پاڻي جي واري تان چانڊيا ۽ بوهڙ برداري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل ۽ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ پ پ ايم پي نواب سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ نوابزاده برهان خان چانڊيو ڌرين وٽ پهچي کين صبر سان رهڻ جي تاڪيد ڪئي هئي ۽ جلد فصيلو ڪري ڌرين جي نقصان جي ازالي جو يقين ڏياريو هو ان سلسلي ۾ اڄ قمبر ۾ غيبي هائوس تي ٻئي ڌرين جو مامري جو نبيرو ٿي گذريو جنهن ۾ ٻئي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ ڌرين مٿان مجموعي طور تي 74 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي سرپنجي ۾ علائقي جي معزيزين چڱن مڙسن شير چانڊيو عبد الهادي چانڊيو لائق چانڊيو لياقت علي مغيري محمد حسن چانڊيو حاڪم بوهڙ شمن بوهڙ عبدالحفيظ تنيو ۽ ٻيا پڻ شريڪ ھئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here