ڏوڪري ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

0
136

ميڊيڪل آفيسر لاڙڪاڻو خلاف ڏوڪري ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڏوڪري ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻ تعلقي صدر نادر حسين جوڻيجو، اياز منگي، غلام عباس ملاڻو، ضمير جتوئي، مشتاق عباسي، علي محمد جيسر، برڪت منگي، نور محمد بليدي، پير بخش ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 19 گريڊ جي ڪرپٽ ۽ نااھل ايم ايس ارشاد ڪاظمي کي بنا دير ھٽائي 20 گريڊ جي ايماندار ڊاڪٽر کي چانڊڪا اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here