سڄي ملڪ جيان ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ جي طرفان پاڪستان جي 73 ھين جشن آزادي ملھائي وئي

0
215

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر: 14 آگسٽ سڄي ملڪ جيان ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ جي طرفان پاڪستان جي 73 ھين جشن آزادي جي حوالي سان ڊي سي آفيس قمبر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون عامر علي پنھنور ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران قريشي ٽي او ايجوڪيشن قمبر بشير احمد چانڊيو ضلعي جي مختلف ادارن جي عملدارن قومي پرچم جي پرچم ڪشائي ڪئي ۽ چاق و چئو بند دستي پڻ سلامي پيش ڪئي ان کان بعد ۾ ڊي سي آفيس جي آگڻ تي وڻ پوکي۔

جشن آزادي جي حوالي سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون عامر علي پنھنور وي اين ايس سان ڳالهائيندي قائد اعظم محمد علي جناح جو پيغام ڏيندي چيو ته اسان ھڪ اھڙي رياست ٺاھينداسين جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي رنگ نسل جي فرق نه ھوندو شاعر مشرق علامہ اقبال رح ھڪ الڳ رياست جو خواب ڏٺو ھو جنھن جي تڪميل قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي ڪوششن سان ڪئي ھي ملڪ اسان جي وڏڙن کي وڏي قرباني سان مليو آھي ۽ اسان کي ھن ملڪ جو قدر ۽ حفاظت ڪرڻ کپي۔

پرچم ڪشائي جي تقريب ۾ اسڪائوٽس، ضلعي جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ ريلي ڪڍي وئي پ پ پ شهيد ڀٽو طرفان ڪامريڊ شوڪت چانڊيو محمد جان بروهي پي ٽي آء اڳواڻ نثار علي ڏيپر رئيس عبدالڪريم گوپانگ شوشل ورڪر آصف ابڙو ۽ مختلف ادارن جي عملدارن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here