نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ اٿارٽي پاران بڻجندڙ بجلي جو ڊگهي مدت وارو منصوبو لاڳاپيل پائدار ۽ سستي توانائي جهڙن اصولن تي پورو نٿو لهي، بجلي جا ماھر

0
237

ڪراچي: (اسٽآف رپورٽر): نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ اٿارٽي (اين ٽي ڊي سي) پاران بڻجندڙ بجلي جو ڊگهي مدت وارو منصوبو پاڪستان حڪومت جي بجلي جي پئداوار سان لاڳاپيل پائدار ۽ سستي توانائي جهڙن اصولن تي پورو نٿو لهي۔ انٽيگريٽڊ جنريشن ڪئپيسٽي انهينسمينٽ پلان_2047 (آءِ جي سي اِي پي_2047) نالي ان ڊگهي مدت منصوبي ۾ بجلي جي گهرج سان لاڳاپيل ڪاٿوٺيڪ ناهي. وڌيڪ اهو ته ان ڊگهي مدت واري منصوبي جي تياري ۾ ڪورونا وبا جي معيشت تي اثرن کي ويچار هيٺ ناهي آندو ويو۔ اهڙي ڳاله جو اظهار خميس تي ٿيندڙ هڪ اڀياس ۾ ڪيو ويو آهي۔

انسٽيٽيوٽ آف انرجي اڪنامڪس اينڊ فنانشل انالائسز پاران ٿيندڙ ان اڀياس کي الائنس فار ڪلائميٽ جسٽس اينڊ ڪلين انرجي پاران منعقد ڪيل هڪ آن لائن سيمينار ذريعي جاري ڪيو ويو. ”پاڪستان کي پيش ايندڙ بجلي جي وڌيڪ پئداواري صلاحيت ۽ مهانگي بجلي جهڙا خطرا” جي موضوع تي ٿيندڙ ان اڀياس موجب ڊگهي مدت منصوبي ۾ بجلي جي گهرج ۾ واڌاري سان لاڳاپيل ڪاٿو انتهائي وڌيڪ آهي، جنهن سبب ضرورت کان وڌيڪ پئداواري صلاحيت جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي۔

آن لائن سيمينار کي خطاب ڪندي اڀياس جي مصنف سائمن نڪولس چيو ته بجلي پئدا نه ڪرڻ جي صورت ۾ به بجلي گهرن کي پئداواري صلاحيت جي مد ۾ ڏني ويندڙ ڪئپيسٽي چارجز جي ادائگي اڳواٽ ئي پاڪستان حڪومت کي پيش ايندڙ هڪ سنجيده مسئلو آهي۔ جيڪڏهن آءِ جي سي اِي پي_2047 ان ڊگهي مدت واري منصوبي هيٺ پاڪستان کي بجلي جي وڌيڪ پئداواري صلاحيت تيار ڪرڻ ۾ جڪڙيو وڃي ٿو ته ڪئپيسٽي چارجز جي ادائگين جو اهو معاشي مسئلو مستقبل ۾ وڌيڪ سنگين شڪل اختيار ڪندو۔

هن چيو ته حقيقت جي ابتڙبجلي پئدا ڪرڻ لاءِ هوائي ۽ شمسي وسيلا اڳواٽ ئي سستا آهن ۽ 2030ع ۽ 2040ع جي ڏهاڪن ۾ وڌيڪ سستا ٿيندا۔ هن چيو ته 2030ع کانپوءِ قابل تجديد توانائي کي هٿي نه ڏيڻ اصل ۾ ان ڊگهي مدت وارو منصوبو تيار ڪرڻ وارن ذميوار عملدارن جي قابل تجديد توانائي جي تازن لاڙن کان لاعلمي جو هڪ واضح اشارو آهي۔ منصوبي ۾ شامل ايل اين جي تي هلندڙبجلي گهرن جي پئداواري صلاحيت تي ڳاله ٻوله ڪندي هن چيو ته ڊگهي مدت منصوبي ۾ ڏنل انگن اکرن موجب سال 2047ع تائين ايل اين جي تي پئدا ٿيندڙ بجلي جو استعمال بلڪل ختم ٿي ويندو۔

جڏهن ته 2030ع کان 2047ع تائين ايل اين جي تي پئدا ٿيندڙ20،000 ميگا واٽ بجلي جو واڌارو ٿيندو، جنهن سان نه رڳو ايل اين جي بجلي جي پئداوار انتهائي مهانگي ٿيندي پر ايل اين جي تي هلندڙ بجلي گهر به بيڪار ۽ ناڪاره ٿي ويندا۔ ڊگهي مدت منصوبي ۾ مقاميت پسندي هيٺ پاڪستان جي مقامي ڪوئلي تي بجلي جي پئداوار وڌائڻ کي انتهائي مهانگي اوليت قرار ڏيندي هن چيو ته پاڪستان جي فاسل ٻارڻ کي ٻاهران گهرائڻ تي رقم جي ادائگي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪوئلي جي ڀيٽ ۾ قابل تجديد توانائي کي هٿي ڏيڻ وڌيڪ اهم ۽ اثرائتو ٿيندو۔

هوائي ۽ شمسي توانائي جي ڀيٽ ۾ ڪوئلي جي وسيلن کي وڌيڪ اوليت ڏيڻ پاڪستان حڪومت جي پئداوار سان لاڳاپيل سستي توانائي واري اصول تي پورو نٿو لهي. ان کان علاوه ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر لڳائڻ سان ڪاربان جو اخراج خطرناڪ حد تائين وڌي ويندو. اهڙي ريت بجلي جي پئداوار ۾ ڪاربان اخراج گهٽ ڪرڻ سان لاڳاپيل پاڪستان حڪومت جو پائدار وارو اصول پورو نٿو لهي۔

اڀياس جي اهم نڪتن تي مصنف جي ڳاله ٻوله کانپوءِ آن لائن سيمينار ۾ پئنل ڳاله ٻوله ٿي. ٻهراڙي جي ترقي جي پاليسي اداري جي ھنیہ اسعاد ڊگهي مدت منصوبي ۾ گهٽ پئداواري وسيلن کي طئه ڪندڙ طريقيڪار کي سواليه نشان بڻائيندي ان منصوبي تي سنجيدگي سان نظرثاني جو مطالبوڪيو. هن چيو ته آءِ جي سي اِي پي_2047 نالي ان ڊگهي مدت واري منصوبي ۾ ٿر جي ڪوئلي تي هلندڙ انهن منصوبن کي پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين سهولتن تي ٿيندڙ خرچن کي شامل ناهي ڪيو ويو ۽ نه وري ان منصوبي ۾ مستقبل ۾ موجود بجلي ذخيرو ڪرڻ واري جديد سهولتن، ڪاربان جي اخراج ۾ گهٽتائي ۽ ماحوليت سان لاڳاپيل پاڪستان جي عزم کي ڪا خاص اهميت ڏني وئي آهي۔

الٽرنيٽو لاء ڪوليڪٽو جي ايڊوڪيٽ سيد غضنفر آءِ جي سي اِي پي_2047 نالي ڊگهي مدت واري منصوبي جي قانوني پاسن تي ڳاله ٻوله ڪئي. جڏهن ته پاڪستان فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاه منصوبي جي ”مقاميت پسندي” جي اصول هيٺ مقامي ڪوئلي جو استعمال وڌائڻ کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو. هن چيو ته ٿر جا ماڻهو اڳواٽ ئي ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي ۽ بجلي گهرن سبب سخت سماجي ۽ ماحولياتي مسئلن جو شڪار آهن. ڊگهي مدت واري منصوبي هيٺ مقامي ڪوئلي جو استعمال وڌيڪ وڌڻ سان انهن سماجي توڙي معاشي مسئلن جو دائرو پڻ ڪيترا ڀيرا وڌي ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here