ڏوڪريءَ ۾ جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايل نينگريءَ جي وارثن سان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جي ملاقات

0
165

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايل نينگريءَ جي وارثن سان لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ملاقات ڪري انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ڏوڪريءَ جي ٿهيم پاڙي ۾ لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پهچي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايل نينگريءَ جي وارثن سان ملاقات ڪئي۔

ملاقات ۾ لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب نينگريءَ جي وارثن کي پڪ ڏياري ته سندن نينگريءَ سان ٿيل ڏاڍائيءَ جو ازالو ڪري جوابدار کي انجام تائين پهچايو ويندو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ناصر آفتاب چيو ته هن ڪيس جي ھو پاڻ مانيٽيرنگ ڪري رهيو آهي ۽ هيڊ ڪوارٽر جي ايس پي کي هن ڪيس جو انچارج مقرر ڪيو آهي۔

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايل نينگري سندس پنهنجي اولاد وانگر آهي ان ڪري هو هن ڪيس جي جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ چاهي ٿو جيئن اڳتي اهڙو ڪو به واقعو پيش نه اچي، هڪ سوال جي جواب ۾ لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي چيو ته نينگريءَ جي ڪيس ۾ جيڪڏهن پوليس عملدارن طرفان ذري به ڪوتاهي ڪئي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here