ڳوٺ ھريار واقعو، رات دير سان ڀيل برادري جي ٻن ڄڻن کي ڳوٺاڻن اعتراض جوڳي حالت ۾ پڪڙي ورتو

0
145

ڳوٺ ھريار واقعو، رات دير سان ھريار ۾ ڀيل برادري جي ٻن ڄڻن نالي ڪيول پٽ سوائي ۽ ڪاڇٻو ڀيل کي ڳوٺاڻن رنگي ھٿين پڪڙي ورتو

مٺي رپورٽ: جنيد آزاد

ڳوٺاڻن جي چوڻ مطابق رات دير سان ڳوٺ ڀرسان آر او پلانٽ جي ويجھو ٻن ڀيل برادري جي ڇوڪرن کي رنگي ھٿين پڪڙيو ويو آھي. ھڪ ڄڻي کي موقعي واري ھند تان کڻي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ٻيو ڄڻو واقعي واري ھند تان فرار ٿي ويو جنھن جي پويان ڳوٺاڻا ۽ پوليس پڪڙڻ لاء نڪتل آھن پر اڃان تائين گرفت ۾ ناھي اچي سگھيو۔

واقعي جا ٻه اينگل نڪرن ٿا ھڪڙو ذريعن مان خبر پئي آھي ته رضا خوشي وارو معاملو آھي ۽ ٻيو لڄالٽ وارو جڏھن ته واقعي واري ھند پھتل ماڻھو جيڪي موجود ماڻھو ھيا ۽ وارث ڀيل جي پويان ڳولا ۾ نڪتل آھن۔ پوليس جو چوڻ آھي ته اسان کي ھڪ شخص حوالي ڳوٺاڻن جي اطلاح بعد حوالي ڪيو ويو آھي ۽ اطلاح ڏيندڙ جي چوڻ مطابق ٻئي شخص جي ڳولا جاري آھي۔

ٻي طرف شوشل ميڊيا تي ڀيل انٽيليڪچئل جي اڳواڻن جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن ڏوھاري ڀيل آھن ته يقينن انھن کي سزا ملڻ کپي ۽ ڳوٺاڻن ۽ عوام سان ھر محاذ تي گڏ آھيون۔ پڪڙيل ڇوڪرن جي وارثن سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر اھي موقف ڏيڻ لاء تيار ناھن۔ ڳوٺ ھريار جي چڳي مڙس کيت سنگھ جو چوڻ آھي ته ٻئي شخص کي پڪڙڻ کان پوء ٻڌائي سگھجي ٿو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here