غوثپور شھر جي قديم بابا غريب داس مندر ۾ ٻھ سئو ساله ھولي واري ميلي جون تقريبون جاري

0
221

ڪنڌڪوٽ: عبدالغفار منگی

غوثپور شھر جي قديم ۽ تاريخي بابا غريب داس مندر ۾ ٻھ سئو ساله ھولي واري ميلي جون تقريبون اڄ ٻئي ڏينھن به زور ۽ شور سان جاري آھن۔ ميلي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شھرن ڪنڌڪوٽ۔ ڪشمور۔ بڊاڻي۔ بخشاپور۔ ڪرمپور۔ پنو عاقل۔ گھوٽڪي۔ شڪارپور۔ سکر ۽ ڪراچي سميت مختلف شھرن مان ھزارين مرد توڙي عورت عقيدت مندن جي شرڪت جاري آھي۔ ميلي جي ٻين رات مندر جي مٿاھين حصي ۾ صوفياڻي راڳ جي ھڪ محفل ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي۔ صوفياڻي محفل ۾ سنڌ جي ناليواري ڳائڻي ۽ سنڌ ٽي وي جي مشھور راڳڻي ”نروڌا مالني“ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو ۽ بابا غريب داس جي شان ۾ ڀڄن ۽ صوفياڻه ڪلام ڳائي خوب داد وصول ڪيو۔ ان موقعي تي شڪارپور شھر جي ”سماڌا آشرم“ جي گادي نشين ۽ ھندن جي روحاني پيشوا سائين نارائڻ ڀڄن به اچي شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي عقيدت مندن کي درشن ڪرايو ۽ صوفياڻي محفل جو مزو ورتو۔ ميلي جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت ڪئي ويئي ۽ مندر جي چئني پاسن کان پوليس ۽ رينجرز جي اھلڪارن کي مقرر ڪيو ويو۔ ميلي جي موقعي تي ايندڙ ھزارين عقيدت مندن لا۽ پئنچايت طرفان لنگر جو بندوبست به ڪيو ويندو آھي۔ ميلو ٽي ڏينھن جاري رھندو آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here