عرضي ڀٽو واسي پورهيت جو 14 ورهين جو نينگر ٿيليسيميا جي موذي مرض ۾ مبتلا

0
199

سجاول جوڻيجو :عرضي ڀٽو واسي پورهيت برڪت علي ٿھيم جو 14 ورهين جو نينگر ٿيليسيميا جي موذي مرض ۾ ڪيتري عرصي کان مبتلا هئڻ ڪري نينگر جو لاڙڪاڻي جي مختلف ڊاڪٽرن کان نينگر جو علاج ڪرائڻ باوجود صحت ۾ سڌارو نہ اچي سگھيو آهي جنھن بعد والدين ٻچي جي علاج لاءِ گھر جو الھ تلھ وڪڻي پنھنجي مدد پاڻ علاج ڪرايو آهي۔

عوامي پريس ڪلب سجاول جوڻيجو ۾ نينگر جي والد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تہ مان غريب مسڪين پورهيت آهيان پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آهيان پٽ گذريل ڪيتري عرصي کان ٿيليسيميا جي موذي مرض ۾ مبتلا آهي جنھن کي هفتي اندر هڪ بوتل رت جي ضرورت پوندي آهي غريب مسڪين پورهيت آهيان ايتري سگھ ناهي هفتي اندر پئسن تي رت وٺي لڳرائي سگھان خدارا تڪ جا چونڊيل نمائندا پ پ ايم پي اي گھنور خان اسراڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين کان گھر ڪئي آهي تہ علاج ۾ مدد ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here