سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)
سڪرنڊ لڳ قومي شاهراه تي دينو شاه بس اسٽاپ وٽ ڪارن سان لوڊ ٿيل ٽرالر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي پيو . ٽرالر ۾ لوڊ ٿيل چوڏھن عدد آٽو اينڊ اليڪٽرڪ ڪارن کي تمام وڏا ڊينٽ پئجي ويا۔ جيئن ته هي ڪارون پهريون ڀيرو ڪوريا کان پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ گهرايون ويون هيون ۽ ڪراچي کان لاهور لاءِ موڪليون ويو پئي ، جڏھن ته هر هڪ گاڏيءَ جي ماليت 90 لک رپيا ٻڌائي وڃي پئي، ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ جي اطلاع تي موٽروي پوليس پهچي ڪرين ذريعي ٽرالر کي روڊ تان هٽرايو ۽ ٽرئفڪ جي روانگي بحال ڪرائي .