لاهور: اداڪاره هانيه عامر جي بيان کان پوءِ مداحن طرفان عاصم اظهر کي تنقيد جو نشانو بنايو پئي ويو پر هاڻ عاصم اظهر خاموشي ختم ڪندي جواب ڏئي ڇڏيو آهي۔
تفصيل موجب گلوڪار سوشل ميڊيا ويب سائٽ انسٽاگرام تي ڊگهو پيغام شيئر ڪيو ۽ لکيو ته منهنجي لاءِ شروع کان ئي هي هڪ آسان سفر نه رهيو. تصور ڪريو ته مان 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجو پاڻ کي دنيا جي سامهون جج ڪرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو هو۔
هن چيو ته (تم تم گيت) اڄ به يو ٽيوب تي ٽاپ ٽرينڊ آهي ۽ ان گيت کي صرف ’10 ڏينهن دوران لکين ڀيرا ڏٺو ويو آهي ۽ هي گذريل هفتي ٽوئٽر تي به ٽاپ ٽرينڊ رهيو. گلوڪار مخالفن کي جواب ڏيندي چيو ته تنقيد جو تمام گهڻو مزو آيو پر ڪڏهن ڪڏهن اوهان حد کان اڳيان وڌي ويندا آهيو ان جو ته خيال رکندا ڪريو. عاصم اظهر چيو ته الحمدالله مان جتي آهيان خوش ۽ مطمئن آهيان پنهنجو پاڻ کي هڪ سٺو پٽ، هڪ سٺو دوست، زبردست فنڪار ۽ سڀني کان وڌيڪ سٺو انسان بنائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ دعا ڪريان ٿو ته اسان سڀ پنهنجي اندر خوشي ۽ سڪون حاصل ڪنداسين ۽ سمورن مسئلن جو صبر سان گڏ منهن ڏينداسين۔
پنهنجي پيغام جي آخر ۾ گلوڪار چيو ته جيئن ته هانيا چيو آهي ته اسان جو رشتو اهڙو آهي جيڪو ڪنهن به سوچ کان پري آهي منهنجي لاءِ هي ڪنهن به ليبل کان وڌيڪ آهي۔ ان جي ڪري سڀ آرام سان ويهو ۽ ڦڦو بنجڻ جي ڪنهن کي به ضرورت ناهي۔