ڏوڪري ۾ امام زين العابدين عليہ السلام ۽ بيبي فضہ جي شهادت جي ڏهاڙي جي حوالي سان سيد سجاد علي شاھ پاران مجلس عزا ڪرائي وئي مجلس عزا کي علامہ غلام مهدي جتوئي، مولانا غلام علي عاملي، مولانا غلام اصغر جنتي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا کان بعد امام زين العابدين عليہ السلام خدا پاڪ ۽ آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي دين جي تبليغ ڪئي۔
مقررين جو وڌيڪ چوڻ هو ته يزيد 10 محرم الحرام تي مولا حسين عليه السلام ۽ مولا جي جانثارن کي شهيد ڪرڻ کان بعد امام زين العابدين عليہ السلام کي پنهنجي آل سميت قيد ڪيو هو. هنن چيو ته 22 محرم الحرام تي مولا زين العابدين عليہ السلام جن کي زهر ڏنو ويو ۽ 25 محرم الحرام تي مولا زين العابدين عليہ السلام شهيد ٿي ويو۔